شادڻ قبرستان

شادڻ قبرستان

شادڻ 1

شادڻ (ڳوٺ ۽ قبرستان): هي ماڳ ديهه ميرواهه، تپي گل محمد، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي ۽ ڪاڇي جو مشهور ڳوٺ آهي. شادڻ، هيرو خان جي اتر ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ جي اوڀر ۾ هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ چار مقبرا هئا، جن مان ٻه ڪِري پيا آهن. ٻارهن سال کن اڳ ڪِريل مقبرن مان هڪ، جنهن جو گنبذ ڪِري پيو هو، ان ۾ هڪ پير سينڌ علي شاهه نالي دفن ڪري ان جي مٿان گنبذ جوڙايو ويو آهي. چوٿين مقبري جي ڀتين جا ڪجهه نشان باقي آهن. مقبرا روايتي طور برهماڻين جا سمجهيا وڃن ٿا. مقام ۾ سيبتيون قبرون جمالي بلوچن جون چون ٿا، جيڪي ڪنهن مقامي جهيڙي ۾ لغارين سان وڙهندي مارجي ويا هئا. هڪ مقبري تي چٽسالي ٿيل آهي، باقي ٻه مقبرا ڪجھه مختلف آهن. هي قبرستان چئن ايڪڙن تي ڦهليل آهي.
شادڻ ۾ مير بنده علي جي اوطاق به آهي. مير بنده علي سنڌ جو وڏو وزير به رهيو هو. هيءَ اوطاق شايد مير مريد علي خان ٽالپر جي ٺهرايل هئي، جيڪو مير بنده علي جو چاچو هو. عمارت ڪشادي آهي، چؤڌاري احاطو ۽ اڳيان ورانڊو اٿس. ان جي اتر- اوڀر پاسي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جيڪا ڇت ڏي وڃي ٿي. ڇت ۾ ڪاٺ جون ڪامون ۽ پٽيون استعمال ٿيل آهن. اوطاق هن وقت زبون حال آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو